مختلف شهرن ۾ ايف آءِ اي طرفان يوٽيلٽي اسٽورز تي ڇاپا،ٿرٿلو

0
253
ايف آءِ اي محسن بيگ

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ايف آءِ اي جون يوٽيلٽي اسٽورز تي ڇاپن جو سلسلو جاري آهي، ذريعن موجب ايف آءِ اي سکر جي عملدارن نثار ساوند، عابد مري ۽ ثانيا قريشي جي اڳواڻيءَ ۾ سکر کانپوءِ گهوٽڪي، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جي ويئرهائوس ۽ يوٽيلٽي اسٽورن تي ڇاپا هنيا ويا، وفاق پاران يوٽيلٽي اسٽورز کي کاڌ خوراڪ جي شين تي اربين روپين جي سبسڊي ڏني وئي جن کي يوٽيلٽي ڪارپوريشن جي عملدارن سبسڊي کي ڪرپشن جو ذريعو بڻائي ڇڏيو، سبسڊي وارريون شيون بليڪ تي واپارين ۽ من پسند ماڻهن توڙي دڪاندارن کي ڏيڻ واريون وڊيوز ۽ شڪايتون سامهون اچڻ کانپوءِ ايف آءِ اي طرفان ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، ذريعن موجب جنوري 2021 کان هن وقت تائين جو رڪارڊ ايف آءِ اي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته يوٽيلٽي ڪارپوريشن جي عملي ۾ ٿرٿلو متل آهي.