ٻيلي کاتي جِي زمين تي قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ فاريسٽ ايڪٽ جَي سيڪشن 26 ۽ 63 ۾ ترميم جِي منظوري

0
254
غيرقانوني پناهگير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا، ٻيلي کاتي جِي زمين تي قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ فاريسٽ ايڪٽ جَي سيڪشن 26 ۽ 63 ۾ ترميم جِي منظوري ڏئي ڇڏي، هاڻ ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضو ڪرڻ تي 14 سال قيد ۽ ڏيڍ لک رپيا في ايڪڙ ڏنڊ لاڳو ٿيندو، ٻيلي کاتي جي اختيارين ڪابينا کي بريفنگ ڏني ته آپريشن دوران هيل تائين 39هزار 275 ايڪڙ زمين خالي ڪرائي وئي آهي، ڪابينا طرفان فاريسٽ، آبپاشي ، ايڪسائيز وارن وزيرن ۽ قانون واري صلاحڪار تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئي وئي آھي، ڪابينا ڀلائي واري کاتي جَي سينيئر سٽيزن ويلفيئر رولز 2021ع جِي منظوري ڏئي ڇڏي، هاڻ سنڌ حڪومت پيرسن شهرين کي آزادي ڪارڊ جاري ڪندي: وڏي وزير جِي صدارت هيٺ اجلاس دوران ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز جَي سمورن نالن جِي صفائي لاءِ 500 ملين رپيا جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آھي.