نيٺ ڇا ٿيندو؟ سوال/سروي بحريا ٽائون واري معاملي سوڌو سنڌ جي ٻين اهم اشوز تي سنڌ دوست ڌرين کي گڏيل تحريڪ هلائڻ گهرجي: عوام

0
378

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته بحريا ٽائون معاملي سوڌو سنڌ جي ٻين اهڙن اشوز تي ڇا سنڌ دوست ڌرين کي گڏيل تحريڪ هلائڻ گهرجي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته بحريا ٽائون سوڌو سنڌ جي ٻين اهم اشوز تي سنڌ دوست ڌرين کي گڏيل تحريڪ هلائڻ گهرجي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ساگر علي رضا لکيو ته بحريا ٽائون معاملي تي سنڌ جي قوم پرستن، صحافين، سول سوسائٽي جي دوستن ۽ سنڌ جي هر سپوت کي گڏجي جدوجهد ڪرڻ گهرجي. بحريا ٽائون ۽ ذوالفقار آباد جھڙا عوام دشمن منصوبا سنڌين لاءِ ڏاڍا خطرناڪ ثابت ٿيندا. زاهد لاکو لکيو ته تحريڪ لاءِ سچائي کپي، عامر حسين لکيو ته جيستائين سنڌي پاڻ ۾ متحد نه ٿيندا تيستائين سنڌين جي حقن تي اھي ڌاڙا لڳندا رھندا، اي ذوالفقار آدماڻي لکيو ته گڏيل تحريڪ اسان جو اجتماعي فرض ٿئي ٿو، مقبول چارڻ لکيو ته گڏيل مستقل تحريڪ هلائڻ جو وقت جي ضرورت آهي نه صرف بحريا ٽائون معاملو پر سنڌ جي پاڻي تي قبضي، زمينن تي والار، شهرڪاري سميت ڌارين آبادڪاري خلاف گڏيل تحريڪ جي ضرورت آهي، حمدالله ڪنڀر لکيو ته صرف بحريا ٽائون ئي نه پر سنڌ جي هر ٻرندڙ اِشو تي گڏيل ۽ مؤثر آواز بلند ڪرڻ گهرجي، مرڪ منان چانڊيو لکيو ته بلڪل سنڌ جي سياسي سماجي علمي ادبي ڌرين سان تعلق رکندڙ فردن کي گڏ ٿي ڪري گڏيل تحريڪ هلائڻ گهرجي، خادم گهراڻو لکيو ته سنڌ جي سرزمين کي بچائڻ لاءِ سنڌ واسين کي جدوجهد ۽ تحريڪ هلائڻ گهرجي، سارنگ منير سومرو لکيو ته گڏ ٿيڻ کانسواءِ سنڌ جو ڪو به معاملو سڌو ٿيڻ ممڪن نه آھي، منير گائنچو لکيو ته گڏيل جدوجهد هلائڻ گهرجي، رشيد ابڙو لکيو ته سنڌ دوست ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ گهرجي، دانش سولنگي لکيو ته بلڪل ڪراچي ۾ زبردست احتجاج ٿيڻ گهرجي. سڄي سنڌ کي بلاول هائوس ڪراچي اڳيان احتجاج ڪرڻ گھرجي، گل حسن لکيو ته رياض گردي جي خلاف سڀ گڏجن ته بھتر آھي، ماجد سمون لکيو ته ڪورونا ايس او پيز جي ڪري ڌار ڌار احتجاج پيا ڪن، الله بخش ڪنڀر لکيو ته سنڌ جي سياسي، سماجي، ادبي، صحافتي، مزدور، هارين، استادن، شاگردن، قومپرستن، وڪيلن سوڌو سمورين ڌرين کي اثرائتي هلائڻ گهرجي، نديم مهر لکيو ته اڃا سڄاڻ ڌريون ڪڏهن سجاڳ ٿينديون، عبدالهادي لکيو ته گڏيل اثرائتي تحريڪ هلائڻ گهرجي، گووند ميگهواڙ لکيو ته سياسي توڙي سماجي ۽ادبي ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي اچي سنڌ گورنمينٽ کي الٽيميٽم ڏيڻ گهرجي، نماڻو نوناري لکيو ته بحريا ٽائون واري معاملي تي سنڌ جي سمورين ڌرين کي گڏجڻ گهرجي ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد سپر هاءِ وي تي زبردست احتجاج ڪرڻ گهرجي، حاڪم علي ڪٽوهر لکيو ته اڃا گڏ نه ٿيا ته فلسطين جهڙو حشر ٿيندو، محمد قاسم لکيو ته پ پ جي سنڌ دشمني تي آواز اٿارڻ گهرجي، شيراز علي خان لکيو ته اصل ۾ وڏو مسئلو اھو آهي جو ان ۾ حڪومت ملوث آهي، جنهن سان غريبن کي تڪليف ٿئي ٿي. اعجاز راهمون لکيو ته گڏيل تحريڪ هلائڻ گهرجي گڏيل تحريڪ سان مخالف قوتون ڪمزور ڪرڻ سان گڏوگڏ وفاق ۽ سنڌ مخالفن کي اهو تاثر ڏيڻ ۾ ڪامياب وينداسين ته سنڌ جاڳي پئي. اسد مصطفيٰ لکيو ته سنڌ ۾ اڄڪلهه گهڻا مسئلا هلي رهيا آهن، جن تي گڏجي تحريڪ هلائڻ گهرجي،منان ميمڻ لکيو ته وقت جي اھم ضرورت آھي گڏيل اتحاد جلد ٺاھيو وڃي، فيض محمد ناريجو لکيو ته سنڌ دوست پارٽين کي گڏ ٿيڻ گهرجي، اعظم عالماڻي لکيو ته ملڪ رياض طاقت جي زور تي سنڌين جي ملڪيتن تي قبضو ڪري رهيو آهي، سنڌي قوم اتحاد ڪري، ذوالفقار علي مهراڻپوٽو لکيو ته بحريا ٽائون جي گيٽ تي ڌرڻو هڻڻ گهرجي، آصف ابڙو لکيو ته ايئن نه ٿئي جو اسين اقليت ۾ تبديل ٿي وڃو، متحد ٿيڻ گهرجي، محسن علي لکيو ته پ پ سنڌ جو سودو ڪرڻ لاءِ ووٽ وٺي اقتدار ۾ ايندي آهي، نذير احمد لکيو ته اثرائتي گڏيل تحريڪ هلائڻ گهرجي، ذوالقرنين لنڊ لکيو ته گڏجي هلڻ سٺي ڳالھه آهي، غلام حسين لکيو ته بحريا ٽائون خلاف سڄي سنڌ ۾ شٽربند هڙتال ڪرڻ گهرجي، ممتاز علي سميجو لکيو ته بحريا ٽائون ۽ ٻين سنڌ دشمن اشوز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل تحريڪ کانسواءِ ڪو دڳ ناهي، حبيب الله عمراڻي لکيو ته جيستائين گڏ نه ٿبو مسئلو حل نه ٿيندو، احسان چانڊيو لکيو ته گڏيل تحريڪ هلائڻ گهرجي، رزاق ڍاٽي لکيو ته سنڌ جي هر معاملي تي گڏيل تحريڪ جي ضرورت آهي، ايم اسحاق بوزدار لکيو ته سڀني جي منزل ۽ مقصد هڪ ئي آهي، گڏيل تحريڪ هلائجي، عبدالله ميراڻي لکيو ته سنڌ جا سڀ قومپرست گڏجي پيا ته ملڪ رياض توڙي زرداري سڀ رڳو معافيون ئي وٺڻ ۾ پورا هوندا، رفيق خادم لکيو ته گڏجي هلڻ گهرجي، سڪندر علي لکيو ته انشاءالله سنڌي سڀ گڏ ٿينداسين، عمران شر لکيو ته اسان ته چئون ٿا الله ڪري گڏجي تحريڪ ھلائن،منيش واسو لکيو ته سنڌ جون زمينون ڀڳڙن جي مٺ تي وڪڻيون پيون وڃن، مظفر شبير شر، ممتاز علي ڀٽي، مدثر کهاوڙ لکيو ته گڏجي تحريڪ هلائيندا ته ان تحريڪ ۾ وڏو اثر ٿيندو بهتر آھي ته سڀ پارٽيون گڏجي سموري سنڌ ۾ ڌرڻا ۽ مظاهرا ڪن. حبيب راڄپر لکيو ته تاريخ ۾ اچي ٿو ته ون يونٽ ۽ ايم آر ڊي تحريڪ جھڙيون ڪامياب تحريڪون اسان سنڌين ئي هلايون آھن هن وقت به مٿين ٻنھي تحريڪن کان به وڌيڪ طاقتور تحريڪ هلائڻ جي اشد ضرورت آھي، شاهجهان رند لکيو ته سنڌ جي هر مسئلي تي گڏجي آواز اٿارڻ کپي، وسيم نواز لکيو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي به اجلاس گھرائي ورتو آھي جنھن ۾ گڏيل جدوجھد ڪئي ويندي، ڪاشف حسين ڪنڀر لکيو ته اسان کي گڏجي ۽ سوچي سمجهي هر قدم کڻڻ گهرجي، عاشق حسين لکيو ته اقتداري ۽ غير اقتداري ڌريون سڀ گڏ ٿي سنڌ جي واحدانيت جي بچاءَ لاءِ ھڪ آواز ٿين، شيراز چانگ لکيو ته سنڌ تي ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضي خلاف تحريڪ ھلائڻ وقت جي اھم ضرورت آھي،، شوڪت هالو لکيو ته گڏيل تحريڪ نه ھلائي ته ھي بحريا ٽائون سڄي ڪراچي تي قبضو ڪندو، ديپڪ باغي لکيو ته قوم هڪ هنڌ تي متحد ۽ منظم ٿيڻ گهرجي.، مدثر علي پڻ سروي ۾ حصو ورتو، فرمان چانڊيو لکيو ته سنڌ دوست ڌرين کي گڏيل تحريڪ هلائڻ گهرجي باقي پيپلزپارٽي جو حال پورو آهي، عباس علي شر، مير ڀٽي، علي نواز کوسو، ضياءُالرحمان ناريجو، سڪندر بلوچ، عرفان سيلرو، اي رحمان ڪي بي، پرويز خاصخيلي، علي، اديبه عباسي، مرتضيٰ مهر، عبدالحفيظ ويسر، شبانه ويسر، سليم،فهيم احمد سومرو، ڪڪريجا،اختر حسين، سليم اختر، اسحاق سولنگي،مظهر عثمان پنهور، ڪانجي ڪمار، غلام علي هاليپوٽو، حاجي ملاح، سيد علي نقوي، اين ڪي ملاح، شبير ڪٽوهر،، عبدالنبي شر، ، غفار لغاري، محمد خان ساجن، بابر ستار هاليپوٽو، جامي مڱريو، علي محمد مري، جمال الدين چنا، رياض حسين بهڻ، غلام علي کٽياڻ، صالح نوحاڻي، ايم يوسف لغاري،اسلم هزار چانڊيو، انور ڪلوئي،ظفر حسين، ثناءُالله چنا، رسول بخش ڪلر، عبدالله سنڌي، شمس الدين رند، محمد خالد ميمڻ، راسول مل ۽ ٻين پڻ چيو ته گڏيل تحريڪ هلائڻ گهرجي.