سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي ٻه رڪني بئنچ قبرستانن تان قبضا ختم نه ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت قبضا ختم نه ڪرائي رپورٽ پيش نه ڪندڙ ڊپٽي ڪمشنرن مٿان ناراضگي جو اظهار ڪيو.جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ريماڪس چيو ته قبرستان جو احترام ۽ تقدس باوجود انسانن جي آخري آرامگاهن تي به ماڻهو قبضا ڪرڻ کان نه ٿا مڙن، اسان سڀني کي مرڻو آهي قبرستانن جو احترام ڪرڻ گهرجي، سمورن قبرستانن کي چوديواري ڏئي محفوظ ڪيو وڃي عدالت ڊپٽي ڪمشنرن کي حڪم ڏنو ته قبرستانن تان قبضا ختم ڪرايو، سهيل لطيف ميمڻ جو چوڻ آهي ته عدالت سنڌ جي سمورن ڊي سيز کي حڪم ڏنو آهي ته قبرستانن تان قبضا ختم ڪرائي، چوديواري ڏياري قبرستانن کي محفوظ ڪري رپورٽ ڏني وڃي. عدالت ٻڌڻي 6 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.