ميرپورخاص(رپورٽر) ڪچي شراب ڪيس ۾ ٻن جوابدارن تي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار عاشق تي هڪ هزار ۽ ٻئي جوابدار خير محمد کي 500 رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. ان ڏس ۾ ڦلهڏيون ٿاڻي جي حد ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن عاشق ۽ خير محمد کي گرفتار لري وٽانئس ٺرو هٿ ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيا هئا، جيڪي ڪيس ميرپورخاص جي سيڪنڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ هلندڙ هئا، ٻنهي جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪيو ۽ پليڊ گلٽي جون درخواستون ڏنيون، جنهن تحت عدالت جوابدار عاشق کي هڪ هزار رپيا ۽ ٻئي جوابدار خير محمد کي 500 رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، ڏنڊ جي رقم ادا ڪري جوابدار ڪيس مان آجا ٿي ويا.