خيرپور (رپورٽر) سيشن جج مشتاق احمد لغاريءَ جي عدالت بوزدار وڏا جي صحافي نصرالله بوزدار جي درخواست تي بوزدار وڏا ٿاڻي جي ايس ايچ او عبدالستار مگسي، هيڊ ڪانسٽيبل شاهنواز ڀنڀرو، سپاهي باقر شاهه ۽ سپاهي رياض حسين ڏهر خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته بوزدار وڏا جي صحافي نصرالله بوزدار طرفان پوليس اهلڪارن مٿان حراسان ڪرڻ جي الزامن هيٺ سيشن جج خيرپور کي درخواست اماڻي هئي.