سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ارباب غلام رحيم پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي ويو!!

0
585
وزيراعظم عمران خان جي سنڌ

ڪراچي: سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم پي ايم هائوس ۾ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪرڻ بعد پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ارباب غلام رحيم جو چوڻ هو ته موجوده صورتحال ۾ پي ٽي آءِ واحد جماعت آهي جنهن ڪرپشن خلاف شعور وڌايو آهي، پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ بعد ھاڻي ڪوشش ڪنداسين ته پي ٽي آءِ کي سنڌ ۾ مضبوط ڪيو وڃي، هن چيو ته وزيراعظم کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سنڌ جو دورو ڪيو وڃي ۽ سنڌ ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته پي ٽي آءِ کي ارباب رحيم جهڙن ماڻهن جي اچڻ سان فائدو ٿيندو، هو ايندڙ عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي سنڌ ۾ ڪاميابي ڏيارڻ جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪندو.