ڳڙهي خيرو ويجهو ڳوٺ تي چڙهائي، هڪ ڳوٺاڻو مارجي ويو، 2 زخمي

0
192
اوٻاوڙي مان مبينا

ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيرو ويجهو ڳوٺ تي چڙهائي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڳوٺاڻو مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڳوٺ ميران حاجيجو تي ايف سي ۽ پوليس اھلڪارن ڳوٺ کي ڪڙو چاڙھي فائرنگ ڪئي، جنهن نتيجي ۾ غلام محمد حاجيجو مارجي ويو، نظير احمد ۽ پٺاڻ حاجيجو زخمي ٿيا آهن، فائرنگ سبب علائقي ۾ ۽ حراس ڇانيل آهي.