سنڌ جا 100 کان وڌيڪ مهاڻا اڃا به ڀارتي جيلن ۾ باندي بڻيل

0
298
سنڌ جا 100 کان وڌيڪ مهاڻا اڃا به ڀارتي جيلن ۾ باندي بڻيل
سنڌ جا 100 کان وڌيڪ مهاڻا اڃا به ڀارتي جيلن ۾ باندي بڻيل

ڪراچي: سنڌ جا هڪ سئو کان وڌيڪ مهاڻا اڃا به ڀارتي جيلن ۾ باندي بڻيل آهن، جن ۾ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جا 47 کان وڌيڪ مهاڻا باندين ۾ شامل آهن

ابراهيم حيدري جي 39 مهاڻن سميت ڪراچي جا 57 ملاح اڃا به ڀارتي جيلن ۾ قيد آهن، جن جا وارث پنهنجن پيارن کي ساريندي هنجون هاري رهيا آهن

ڀارتي جيلن  ۾ قيد مهاڻن جي امڙين پاران سرڪار کي ٻچڙا آزاد ڪرائي ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي

فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ ياسمين شاهه چيو آهي ته ڀارتي جيلن مان مهاڻن جي آزادي سٺو سنوڻ آهي، سرڪار ڀارتي جيلن ۾ قيد ٻين ملاحن جي آزاديءَ لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري

هن چيو ته خير سگالي واري جذبي تحت ڀارت جي گرفتار ڪيل ملاحن کي به آزاد ڪيو وڃي

هن کي به پڙهندا

ڀارتي جيلن ۾ قيد سنڌ واسي 9 مهاڻن سميت 21 پاڪستاني آزاد