سنڌ جا ماڻهو ڪتن جي وات مان آجا نه ٿيا، عمر ڪوٽ ۾ 5 ماڻهو ڏاڙهي زخمي

0
533
سنڌ جا ماڻهو ڪتن جي

عمرڪوٽ(ن پ ا)عمر ڪوٽ ۾ ڪتي جي چڪ وارن ڪيسز ۾ گھٽتائي نه ٿي سگهي، اڄ ٻن ڪلاڪن دوران رولو ڪتن پنج ماڻھن کي ڏاڙھي زخمي ڪيو، ، جن کي سول اسپتال مان ويڪسين بعد گھر روانو ڪيو ويو آهي، زخمين ۾ گيانچند، عرفان، يونس. محمد بشير ولد احمد ۽ شوڪت ولد ابراھيم شامل اهن، ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڪتا مار مھم بند پيل ۽ انتظاميه جي اک نه پٽڻ جي ڪري رولو ڪتن جو آزار ڏينهنو ڏينهن وڌندو پيو وڃي، ٻن ھفتن دوران ڪتي چڪ سبب زخمي ٿيڻ بعد سول اسپتال پھتل ماڻھن جو انگ 55 ٿي ويو.