ڪرمپور: پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري مهيسر بنگلاڻي جي ڀاءُ سومر عرف ڪالي بنگلاڻي چار سال اڳ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو هو، جڏهن ته مقابلي دوران ٻه پوليس اهلڪار به مارجي ويا هئا، مهيسر بنگلاڻي اي ايس آءِ علي گل چولياڻي مٿان ڀاءُ کي مارڻ جو الزام هڻي جرڳو ڪرائي 8 لک ڏنڊ پڻ وصول ڪيو هو.