ٽنڊوآدم ( ن پ ا ) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران 31 جولاءِ تي ٽنڊوآدم ۾ بحريه ٽائون سميت سنڌ جي ڳوٺن جي والار خلاف ريلي نڪرندي ۽ جلسو ٿيندو، جنهن کي مرڪزي اڳواڻ خطاب ڪندا. سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران بحريا ٽائون، ذوالفقار آباد، ڊي ايچ اي ۽ ٻين رهائشي منصوبن جي نالي تي سنڌ جي زمين جي والار ڪرڻ خلاف هلايل مهم جي سلسلي جي ٽئين مرحلي ۾ شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ 31 جولاءِ تي سانگهڙ ضلعي کان شروعات ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي ضلعي سانگهڙ جي ڪنوينر ڪامريڊ محمد خان پنهور، عبدالستار رند، عالم خان لغاري ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ريلي ۾ ايڪشن ڪميٽي جا مرڪزي اڳواڻ سيد جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ڊاڪٽر قادر مگسي، رياض چانڊيو، ڪرم وساڻ، اسلم خيرپوري ۽ ٻيا شرڪت ڪندا. هنن ٻڌايو ته راهو شاخ کان 11 بجي ريلي نڪرندي بعد ۾ محمدي چوڪ تي جلسو ٿيندو ۽ اڳواڻ خطاب ڪندا بعد ۾ شهدادپور، جهول، سانگهڙ، کڏڙو ۽ شاهپور چاڪر ريلي ويندي. اڳواڻن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي 31 جولاءِ تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي احتجاج ۾ شريڪ ٿي پنهنجي ڌرتي بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن.