خانپو (رپورٽ: صفي الله سيٺار) خانپور ويجھو ڪارنھن تڪرار تان ڪمالاڻي ۽ عطراڻي جتوئي ڌرين ۾ فائرنگ، رونبو ڪندڙ عورت مارجي وئي، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، ڪيس داخل نه ٿيو. خبر موجب رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ حبيب عطراڻي جتوئي ۾ ڪمالاڻي جتوئي ۽ عطراڻي جتوئين جي ڌرين وچ ۾ ڪارنھن جي پراڻي تڪرار ٻيهر ڪر کنيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين هڪٻئي خلاف هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو ۽ علائقي واسي گهرن تائن محدود ٿي ويا، فائرنگ ۾ عطراڻي جتوئي ڌر جي عورت مسمات ساران زال محمد عالم عطراڻي جتوئي قتل ٿي وئي، مقتول عورت جو لاش رستم پوليس خانپور اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول عورت جي وارث عورتن لال خاتون ۽ مريم خاتون صحافين کي ٻڌايو ته ٻني ۾ رونبو ڪري رھيا ھئاسين ته مخالفن ڪمالاڻي جتوئين مورچن مان فائرنگ ڪري ڏني، جنھن ۾ ساران قتل ٿي وئي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي. واضح رھي ته ڪمالاڻي عطراڻي جتوئي ڌرين وچ ۾ هلندڙ ڪارنھن تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 2 عورتن ۽ ھڪ ٻارڙي سميت 19 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن،