پيروسڻ (ن پ ا) ملڪ چودڳي واسڻ نغمه شيخ صحافين آڏو احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته گھر ۾ اڪيلي ويٺي ھئس مڙس ڪنھن ڪم سانگي ٻاھر ويل ھو، منٺار ملڪ ۽ اقبال جوڳي فھميدان ملڪ جي مدد سان گھر گھري زيادتي جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي جھيڙو ڪيو اٿن، منھنجا ڪپڙا ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪيا اٿن ۽ جوابدارن منھنجي مٿان تشدد ڪيو آھي رڙيون ڪرڻ تان اوڙي پاڙي وارا گڏ ٿي ويا، جوابدارن مٿان ايف آئي آر داخل ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ ھو پنھنجي مُڙس ۽ ٻارڙن سميت ايس ايس پي خيرپور آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻندي ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي پيروسڻ پوليس ٻڌايو ته معاملي جي جاچ ڪري رھيا آھيون.