ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) اطلاعات کاتي جي ڪامورن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن. چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل امتياز جويو کي ڊائريڪٽر انفارميشن پريس مقرر ڪيو ويو آهي، جتان اختر علي سرهيو کي بدلي ڪري ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ اڪائونٽس جي خالي پيل عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي.