پشاور (م ڊ) ميڊيڪل جي شاگردياڻي عاصمه راڻي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پشاور اشفاق تاج مختصر فيصلو ٻڌائيندي مرڪزي جوابدار مجاهد الله آفريدي کي موت جي سزا ڏيندي ٻن جوابدارن صديق الله ۽ شاهه زيب کي آزاد ڪري ڇڏيو. سيشن جج سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي سينٽرل جيل پشاور ۾ خاص ٻڌڻي ڪئي. ميڊيڪل جي شاگردياڻي عاصمه راڻي کي شادي کان انڪار تي 2018ع ۾ ڪوهاٽ ۾ قتل ڪيو ويو هو. عاصمه راڻي زخمي حالت ۾ مرڻ کان اڳ ويڊيو بيان ۾ جوابدار مجاهد الله آفريدي جو نالو ورتو هو. مرڪزي جوابدار مجاهد الله آفريدي کي خيبرپختونخواهه پوليس انٽر پول جي ذريعي متحده عرب امارات مان گرفتار ڪيو هو. پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي ڪيس کي ڪوهاٽ کان پشاور منتقل ڪيو هو.