لاهور (م ڊ) وزيراعظم جي خصوصي نمائندي حافظ طاهر اشرفي مدرسي ۾ بدفعلي ڪندڙن کي مينار پاڪستان تي لٽڪائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، حافظ طاهر اشرفي چيو آهي ته رياست کان مطالبو ڪريان ٿو ته مدرسي اندر بدفعلي ڪندڙ جوابدار کي مينار پاڪستان تي لٽڪايو وڃي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سڄي دنيا ۾ ماڻهو ڏوهه ڪندا آهن پر ان جا ذميوار ادارا ناهن هوندا، هڪ اداري ۾ هزار کان 5 هزار شاگرد ۽ 3 کان 4 سئو استاد هوندا آهن، 30 هزار مدرسا ۽ 30 لک شاگرد آهن، ان جو مطلب اهو ناهي ته سڀ خيراب آهن، هر هنڌ خراب ماڻهو هوندا آهن، ڇا يونيورسٽين ۾ خراب ماڻهو ناهن؟ هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ڇا ان جو ذميوار اسڪول ڪاليجز کي قرار ڏنو وڃي، ملڪ جي سمورن مدرسن جون تنظيمون ان ڳالهه تي متفق آهن ته غيرشرعي ڪم ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.