سيوھڻ(ن پ ا)  سنڌڙي جي لعل قلندر شهباز جو ميلو 11 مارچ کان شروع ٿي رهيو آهي. ان ڏس ۾ حضرت لعل شھباز قلندر رح جو ساليانو 771 ھين عرس مبارڪ جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاء چيئرمين شھباز ميلا ڪميٽي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪئپٽن (ر) فريدالدين مصطفي جي صدارت ھيٺ سيوھڻ سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ھال ۾ ھڪ اعلي سطحي اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾  ايس ايس پي ڄامشورو عمران قريشي، ڊائريڪٽر سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ ڊاڪٽر معين الدين صديقي، اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ اقبال حسين جنڊاڻ اي ايس پي سيوھڻ بيدار بخت، ڊي ايچ او ڊاڪٽر ونود ڪمار، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن رفيق احمد سولنگي، ڊي ايس پي اسپيشل برانچ، پاڪ آرمي، رينجرز، اوقاف، ثقافت کاتو، ميڊيا جي نمائندن سميت لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو چيو ته حضرت لعل شھباز قلندر رح جو عرس مبارڪ 11 – 12 ۽ 13 مارچ تي ملھايو پيو وڃي جنهن جا ڏھاڙا ويجھو آھن جنهن ۾ لکين زائرين لاء بھتر کان بھتر انتظام ڪيا ويندا ۽ عرس مبارڪ تي زائرين کي ھر ممڪن سھولتون فراھم ڪيون وينديون عرس مبارڪ تي لکين زائرين شرڪت ڪندا آھن جن لاء پيئڻ جي پاڻي جون سبيلون به قائم ڪيون وينديون عرس مبارڪ تي صفائي جي خاص انتظامن لاء اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ نگراني ڪندو، ھن وڌيڪ چيو شھباز ايوارڊ جي حوالي سان ڪميٽي قائم ڪئي ويندي جنهن بعد 15 شھباز ايوارڊ ڏنا ويندا، ان اڳ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪئپٽن (ر) فريدالدين مصطفي درگاھ حضرت لعل شھباز قلندر رح جي مزار تي حاضري ڏني ۽ انتظامن جو جائزو پڻ ورتو.