ميرپورساڪرو(ن پ ا)ميرپورساڪرو جي ٽائون  ڪميٽي جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاء ٽائون آفيس جي گيٽ اڳيان ھٿن ۾ پلي ڪارڍ کڻي سخت نعريبازي ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.  ڪامريڊ  ابراھيم شورو امام الله مورجھريو مير عالي ڪلمتي رياض شيخ ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته اٺن مھينن کان پگھار جي واڌي ناهي ٿي ڪيترين سالن کان وٺي سرورس بڪن جا آڊيٽ به  پيا ڪن  آڊيٽ ڪرڻ لاء 50 ھزارن جي رشوت  گھر ڪئي پئي وڃي اسين  غريب ملازم آھيون 50 ھزار ڪٿان آڻيون جو ھنن کي ڏئي سروس بڪ جي آڍيٽ ٿئي رٽائرڍ ملازمن جي پينشن به  نه  ڏني پئي وڃي سن ڪوٽا ۾ ڪنهن ملازمن کي نوڪري به  نه ڏني پئ وڃي.  ڪافي سال کان وٺي وردين جا پيسا  به بند ڪيا ويا آهن احتجاج ڪندڙ ملازمن ڊي سي ٺٽو ۽ لوڪل گورنمنٽ ۽ ٻين اعلي اختيارين کان  گھر ڪئي آهي ته  اسان جا  مطالبا جائز آهن  فورن حل ڪري  اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته  اسان ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري احتجاج جو دائرو وسيح ڪنداسين.