سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي ۾ واپارين توريي جو اگھه ڪيرائي ڇڏيو، آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو، ان ڏس ۾ تعلقي اندر توريي جو فصل لهندي ئي واپارين هڪ هٽي قائم ڪري اگهه ڪيرائي ڇڏيو آهي،  ڪجهه ڏينهن اڳ 9000 کان 9500 رپيا في مڻ وڪرو ٿيندڙ تورئي  هن وقت 6000 کان 6200 رپيا خريد ڪئي پئي وڃي، ٻي طرف  ساماروشاخ جي آبادگارن پاران اسلم شر، جاويد شر ۽  عمران شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، آبادگارن موجب ته  واپاري اسان کان توريو گهٽ اگھه تي خريد ڪري رهيا آهن، فصل تي ڪيل خرچ به نٿو نڪري، هنن مطالبو ڪيو ته زراعت کاتو نوٽيس وٺي.