سنڌي ٻولي جي بقا ڇا ۾ آهي؟

0
306
سنڌي ٻولي جي بقا ڇا ۾ آهي؟

 قوم جي سڃاڻ جو اھم جز ٻولي ھوندي آھي ٻولي کي ادبي ڪم زندھ رکندو آھي.  سنڌي ٻولي کي دفترن ۽ تعليمي ادارن م لکيو ۽ پڙھيو وڃي ان م  سنڌي ٻولي جي بقا آھي. سنڌي ٻولي قديمي ۽ امير ترين ٻولي آھي جيڪا سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آھي جنھن ۾ 52 الفابيٽ جا اکر موجود آھن پر سنڌي ٻولي تي ڌارين ٻولين جو اثر رھيو آھي. انگريزن جڏھن 1843ع تي سنڌ  تي قبضو ڪيو ته ان ۾ ڪجھه لفظ عربي، فارسي جا  لفظ به سنڌ ٻولي ۾ شامل آھن. سنڌي ٻولي ان جي اثر ڪري وڌيڪ  سگھاري ٿي وئي آهي  ۽ سنڌي ٻولي به وڌيڪ  لکي ۽ پڙھي  وئي. انڪري سنڌي ٻولي کي شاھوڪار ۽ قديمي سنڌي ٻولي چيو وڃي ٿو .

                 سنڌي ٻولي کي  انگريزن جي حڪومت ۾ به سر بارٽل  ان وقت جي ڪشمنر کي چيو ته توھان کي سنڌي ٻولي سکڻ گھرجي ان وقت انگريزن به سنڌي ٻولي کي  سکيو . انھن کي سنڌي ٻولي جي  ضرورت ھئي ء ايئن اڳتي ھلي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو.  ھاڻي ايڏي وڏي امير  قديمي سنڌي  ٻولي کي سنڌ جي خانگي تعليمي  ادارن ۾ به نه ٿو پڙھايو وڃي.

گووبند مالھي جنھن سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو . جنھن جو سنڌيءَ ٻولي تي تمام گھڻو ڪم ٿيل آھي ۽ اسان مرحوم جي سنڌي ٻولي  تي  ۽ سنڌي ادبي سنگت ۾ ڪيل خدمت کي وساري نه ٿا سگھون .

جڏھن ڪنھن ٻارڙي ڪئي

ٻولي ٻاتي ته ماڻيندا منزل

پنهنجا ڍول ڌاٽي.

سنڌي ٻولي عظيم ٻولي آھي لطيف سرڪار صرف سنڌي ٻوليء ۾ ئي شاعري ڪئي آھي . اياز استاد بخاري ۽ ٻين سنڌي شاعرن اديبن ليکڪن به سنڌي ٻولي کي زندھ رکيو آھي .

 سندس شاعري ۾ وايون بيت پڙھيا ۽ ڳايا وڃن ٿا.   اڄ به سنڌ جي اوطاقن ۾ ڪچھرين ۾ ڳجھارتون پروليون ڏور ۽ قصا داستان به ھڪٻئي کي ٻڌائي ۽  ڏئي سنڌي ٻولي کي زندھ رکن ٿا .

اڄ به ڀٽائي سرڪار تي رات جو  فقير تنبورو وڄائي راڳ ڳائين ٿا ۽ ٻڌندڙن، مداحن جي  من کي موھي وجھن ٿا.

ٻولي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. ھن وقت سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ جا سماج سڌارڪ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاي سراپا احتجاج آھن. سنڌي ٻولي خانگي تعليمي ادارن ۾ نه ٿي پڙھائي وڃي. انھن خانگي ادارن ۾ سنڌي ٻار به پڙھن ٿا انھن خانگي ادارن جي خلاف ڪو قانوني قدم کنيو وڃي ته اهي سنڌي ٻولي کي پنھنجي ادارن ۾ لازمي پڙھائين. سنڌي سبجيڪٽ چٽاڀيٽي امتحانن  ۾ شاگرد کڻن ٿا سنڌي پيپر ۾ 100 مارڪون آھن. سنڌي ٻولي تي سنڌ ٽيڪسٽ ٻارھين ڪلاس جي سنڌي سبجيڪٽ ۾ تبديل ٿيڻ گھرجي. سنڌي ٻولي تي ڪانفرنس، لطيف جي سنڌي ۾ جيڪا شاعريءَ ٿيل آھي ان جي فڪر سوچ ۽ سنڌي ٻولي تي خاص ڪري شاھه جو رسالو تي پروگرام ٿيڻ گھرجي. اسٽڊي سرڪل  ڳوٺن  ۽ شھرن ۾  ڪرائڻ گھرجن جيئن سنڌي ٻولي  جي اوسر ٿئي .

جي تون بيت ڀانئيان سي آيتون آھن ,

نيو من لائين پريان سندي پار ڏي .

شاھه صاحب جي ٿيل شاعري کي ان جي پيغام کي نوجوان نسل تائين پھچائڻ جي سخت ضرورت آھي  سنڌي ٻولي جي بقا به ان ۾ آھي .

[email protected].