پيٽرول اگهن ۾ واڌ ۽ مني بجيٽ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو

0
319
پيٽرول اگهن ۾ واڌ ۽ مني بجيٽ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيٽرول جي اگهن ۾ هڪ ڌڪ سان 22 روپين جي واڌ ۽ مني بجيٽ خلاف ماڻهو رستن تي نڪري آيا

شهرين جو چوڻ آهي ته حڪومت عام ماڻهوءَ جي جيئڻ جا سڀ دڳ بند ڪري ڇڏيا آهن، ماڻهن کي خودڪشي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي

 پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف ميهڙ، سجاول، اڪري چودڳي ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

IMF diktat: Petrol price raised to historic high of Rs272 per litre

سکر، دوڙ ۽ ٻين شهرن ۾ به ماڻهن پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي

 سجاول جي ڪراچي بدين روڊ تي رڪشا يونين، سوزوڪي يونين ۽ شهرين ڌرڻو هنيو، روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب سوين گاڏيون بيهجي ويون

 پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد پيٽرول 22 رپيا 20 پيسا مهانگو ٿي ويو

 هاءِ اسپيڊ ڊيزل 17 رپيا 20 پيسا، لائيٽ ڊيزل 9 رپيا 68 پيسا ۽ گاسليٽ جي اگهه ۾ 12 رپيا 90 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

حڪومت پئسا ۽ آرمي سيڪيورٽي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، شفاف اليڪشن ڪيئن ڪرايون: چيف اليڪشن ڪمشنر