انور پيرزادي جو سنڌ ويزن

0
331
ادبي ميلن جو معيار ۽ اسان جون ترجيحون

 انور پيرزادو ھڪ ويزنري شخص ھيو. ويزنري ماڻھو اھي ٿيندا آھن جن وٽ پنھنجي قوم، ملڪ، سماج ۽ ادارن کي بھتر بڻائڻ لاءِ ھڪ ويزن، تصور، ادراڪ،  بصيرت، دور انديشي، تخيل ۽ پورو منصوبو موجود ھوندو آھي. اھڙا ماڻھو ئي قومن کي ترقي وٺرائي ڏيڻ ۾ سڀ کان وڏو ڪردار ادا ڪندا آھن. جڏھن ڪنھن اداري جي سربراهه وٽ ڪو ويزن ئي نه ھوندو سو ان کي ڇا ترقي وٺرائي ڏئي سگھندو؟ ويزنري ماڻھن وٽ سماج کي تبديل ڪرڻ جو جذبو به ھوندو آھي، مسئلن جي سمجهھ ۽ علم سان گڏ، اھا  دانش به ھوندي آھي جيڪا مسئلن کي حل ڪري سگھندي آھي. انڪري ئي ويزنري ماڻھو ھميشه آئيڊياز سان ڀريل ٿيندا آهن. پيچيده مسئلن جي تالن جون ڪنجيون به سندن ذهن جي خزانن ۾ موجود رھنديون آھن. ضرورت فقط انھن جي تصور مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ھوندي آھي. انور پيرزادو جيئن ته ھڪ آدرشي ۽ نظرياتي انسان ھو تنھن ڪري ھن وٽ ڪيترائي خواب ھيا جن جي ساڀيان لاءِ ھن سڄي عمر جاکوڙ ڪئي.

انور پيرزادي جو سنڌ، سنڌي سماج ۽ سنڌي ماڻھو لاءِ ڇا ويزن ھيو اچو ته کيس پڙھي، ڏسي ۽ ٻڌي ڏسون.

انور پيرزادي جي ويزن ۽ سوچ مطابق سنڌ جو پاڻيءَ منجھه پساھه آھي. ڪتاب متان وساريو جي ڪالمن ۾ لکي ٿو ته

 “ڪارونجھر جبل جو پاڻي رڻ ڪڇ ۾ وڃڻ گهرجي. سنڌو درياهه جو پاڻي سمنڊ ۾ وھڻ ضروري آھي، ڪابل نديءَ جو پاڻي ۽ لٽ انڊس ڊيلٽا ۽ سمنڊ تائين اچڻ فطري ڳالھه آهي ۽ نئن گاج جو ڇوڙ منڇر ڍنڍ ۽ سنڌو درياهه ۾ ٿيڻ لازمي آهي. سو متان وساريو ته پاڻيءَ جي وھڪري آڏو جيڪي ماڻھو رنڊڪون وجھن ٿا سي نه رڳو ڪافر آھن پر ڌرتيءَ جا دشمن به آھن ڇاڪاڻ ته اھي زمين جي قدرتي ماحول کي برباد ڪن ٿا.”

ھڪ ٻئي ڪالم ۾ لکي ٿو ته

“ سنڌو درياءَ جي صحت لاءِ اھو ضروري آهي ته مٿس ڪو به ڊيم نه ھجي ڪو به بئراج نه ھجي. ڪٿي به سندس پاڻي جي وھڪري کي نه روڪجي ۽ نه ئي ان جو رخ ڦيرائجي.”

ڪتاب متان وساريو پڙھندي ايئن ٿو محسوس ٿئي ٿو ته انور پيرزادو سنڌ جي مختلف علائقن بابت بلڪل ايئن فڪرمند آھي جيئن ڪا ماءُ پنھنجن ٻچن بابت فڪرمند ھوندي آھي. ٿر، ڪاڇو، ڪچو، جبل، ڊيلٽا جون سڀئي تڪليفون ۽ سور ٻڌائيندي چوي ٿو ته پاڻي نه ھجڻ ڪري سنڌ جون زرعي زمينون سڪي ٺوٺ ٿي ويون آهن. انڊس ڊيلٽا ۾ قديم آثار نڌڻڪا ٿي تباھه پيا ٿين. ڪڏھن چوي ٿو ٿر ۾ ھن سال مينھن ئي نه وسيا آھن ڏڪار جو خطرو آهي.

ٿر بابت ته ايترو فڪرمند آھي جو متان وساريو ڪتاب ۾ سڀني کان گھڻا ڪالم ٿر تي لکيا اٿائين. ٿر متعلق انور پيرزادو آئيڊيا ڏئي ٿو ته

 “ٿر ۾ ٻين ڳالھين کي ڇڏي رڳو سياحت کي ترقي وٺائي وڃي ته ھوند اتي ڪڏھن به ڏڪار نه پوي. ٿر سنڌو تھذيب جو جيئرو جاڳندو ميوزم آھي”

۽ نه فقط آئيڊيا ڏئي ٿو پر متان وساريو جي ھڪ ڪالم ۾ مڪمل تفصيل ڏنا اٿائين ته پئمفليٽ ڇپرايو، سياحن لاءِ مڪمل گائيڊينس ۽ ٽرانسپورٽ ھلايو، ريسٽ ھائوس قائم ڪيو، ھنر جا اسٽال ھڻو، تازا ميوا، ڀاڄيون رکو، پلر جو پاڻي منرل واٽر جي جاءِ تي رکو، ته جيئن ٿر ۾ سياحت کي مضبوط ڪري اتان جي غربت کي گھٽ ڪري سگھجي.

سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي ادارن بابت پنھنجو تصور پيش ڪندي انور پيرزادي لکي ٿو ته

 “سنڌي ٻولي ادب ۽ ثقافت وارن شعبن کي ھلائڻ لاءِ بھتر صلاح اھا ٿي سگهي ٿي ته سينيئر ۽ جونيئر ليکڪن ۽ اديبن جي سپريم ڪائونسل ٺاھي انھن جي سفارش تي سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، سنڌي ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، سنڌالاجي، سنڌ ميوزم ۽ ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز کي ھلايو وڃي ڇاڪاڻ ته اھوئي جمھوري ۽ ماھرانه طرز عمل ٿي سگهي ٿو.

اڳتي ھلي سيڪريٽري جي تقرري جو اختيار به اديبن جي تجويز ڪيل سپريم ڪائونسل کي ڏنو وڃي”

ھڪ ڪچھري ۾ سنڌي ادبي سنگت لاءِ چيائين ته سنڌي ادبي سنگت جي ھر شاخ کي اھو پلان رکڻ گھرجي ته ھر سال ھو گھٽ ۾ گھٽ سنڌي ادب کي ھڪ ڪتاب ضرور ڏين ۽ مرڪزي سنڌي ادبي سنگت کي ھر مھيني ھڪ ڪتاب ڏيڻ گھرجي. ٿورو سوچيو جيڪڏھن سنڌي ادبي سنگت انور پيرزادي جي ان ويزن تحت ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏئي ته سنڌ جو ادب ڪيترو نه وڌيڪ شاھوڪار ٿي وڃي!

انور پيرزادي وٽ عورتن بابت تمام سگھارو ويزن ھيو. ھن وٽ عورت جي آزادي، خودمختياري بابت چٽو تصور ھيو. ھو سماج ۾ عورتن جي تعليم، عزت، نوڪري توڙي محبت جي حقن لاءِ ھر محاذ تي وڙھندي نظر اچي ٿو. ھڪ جڳھه لکي ٿو

 “جيستائين ھر سنڌي نياڻي تعليم يافته نه ٿي ٿئي تيستائين سنڌ جي ترقي جو خواب اڌورو رھندو.”

 ٻي جڳهھ تي لکيو اٿائين

 “متان وساريو ته اڄ اسان وٽ عورت جي جيڪا بيعزتي ٿئي ٿي سا مھين جي دڙي واريءَ سنڌو تھذيب جي زوال جو تسلسل آهي” ۽

“مرد پاڻ اھو سڀ ڪجھه ڪندا آهن جنھن جي سزا عورت کي ڪاري ڪوٺي قتل ڪري ڏيندا آهن”

شخصي سطح تي انور پيرزادي جو ويزن اھو ھيو جو ھو ماڻھو سان ملي سندس شخصيت جو ڪو سگھارو پاسو ڳولي کيس ان ڏس ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاح ڏيندو ھيو. جيڪي مايوس، اداس يا واندا ماڻھو ھوندا ھيا انھن کي ڪم سان لڳائيندو ھيو. ھر ماڻھوءَ ۾ اتساھه ڀريندو ھيو.  ھو ھڪ شخصيت ساز انسان ھيو. ڪنھن ماڻھوءَ سان ڪچھري ڪجي ۽ ان ڪچھري کانپوءِ اھو ماڻھو ھڪ نئين ڪرت سان لڳي وڃي ۽ ھن جي زندگيءَ ۾ ھڪ تبديلي اچي وڃي اھڙي ڪرشماتي صلاحيت تمام گھٽ ماڻھن ۾ ٿيندي آهي.

ھڪ ڪچھري ۾ چئي رھيوھو ته لکڻ جي تمام گھڻي اھميت آھي سو اوھان سڀ لکندا ڪريو.ته ڪنھن چيس پر اسان کي ته لکڻ نه ايندو آھي ته چيائين ته پوءِ اوھان جاڏي وڃو جيڪي ڪجھه ڏسو سو لکندا وڃو ۽ اھو سڀ ان احساس وچان لکو ته اوھان سنڌ جي تاريخ کي قلمنبد ڪري رھيا آھيو.

اسان سنڌي ماڻھو عام طور تي صحت جي اھميت کان اڻ واقف رھندا آھيون پر انور پيرزادو پنھنجين ڪچھرين، تقريرن ۽ لکت ۾ صحت جي اھميت تي زور ڏيندو رھندو رھيو. متان وساريو جي ھڪ ڪالم ۾ لکي ٿو

 “عوام ۾ سياسي شعور گھٽ ھوندو ته ھو وڌ ۾ وڌ جمھوريت کان محروم رھندو پر جي ھن ۾ صحت بابت ڄاڻ نه ھوندي ته ھو حياتيءَ کان ئي محروم ٿي ويندو”

مون ھتي چند مثال ڏنا پر انور پيرزادي جون سميوريون لکڻيون،  تقريرون ۽ ڪچھريون آئيڊياز سان ڀريل ھونديون ھيون. ڪڏھن جيلن کي اصلاح گھر ٺاھڻ جي ڳالھه ٿو ڪري، ڪڏھن استاد منظور علي خان جي نالي تي يونيورسٽي ۾ چيئر قائم ڪرڻ جي ڳالھه ڪري ٿو، ڪڏھن سسئي، مورڙئي ۽ روپلي ڪولھي تي ميلي نه لڳڻ جو ڏوراپو ڏئي ٿو، ڪڏھن لکي ٿو ته وڻ به خون ٿيندا آهن ۽ رت ڏيندا آهن، ڪڏھن سنڌ کي انٽرنيٽ جي اھميت سمجھائي رھيو آھي.

عظيم ماڻھن جي سالگراھن ۽ ورسين جا پروگرام ڪرائڻ ۽ کين ياد ڪرڻ جو به صحيح انداز اھو ٿيندو آهي ته سندن سوچ ۽ ويزن کي پڙھي، سمجھي انھن تي عمل ڪري ڀرپور فائدو وٺي سگھجي. انور پيرزادي جو ويزن ڪم ھوندو ھيو. ڪير به ڪري ڪيئن به ڪري پر ڪم ٿئي، ترقي ٿئي، ماڻھن جا مسئلا حل ٿين ۽ سنڌ ۾  خوشحالي اچي. انور پيرزادي پنھنجين لکڻين ۾ سماج جي ھر معاملي تي پنھنجو ويزن ڏنو آھي. ھن جون لکڻيون سنڌ کي ھڪ روڊ ميپ ڏئي رھيون آھن جن تي جيڪڏھن اسان عمل ڪريون ته سنڌ جي خوشحالي جو خواب ساڀيان ٿي سگھي ٿو ۽ ھڪ نئين ترقي يافته سنڌ اڏي سگھجي ٿي.

[email protected]