سنجهورو (ن پ ا) آبپاشي ڪامورن جو دم واھ تي پاڻي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون، ڪيترائي ٽيمپرڊ واٽر ڪورس سيل، پاڻي چورن ۽ دم واهه مان غيرقانوني مٽي کڻندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو اعلان. ان سلسلي ۾ نارا ڪئنال ايريا بورڊ جي چيف مانيٽرنگ آفيسر شيخ عبدالواسع ، ايڪسين جمڙائو ڊويزن انجنيئر دنيش ۽ ايس ڊي او سب ڊويزن کڏڙو بدرالدين ميمڻ آبپاشي عملو ۽ مشينري ساڻ ڪري دم واهه تي پاڻي چوري لاءِ ڪيل ٽيمپرڊ واٽرن تي اوچتو ڇاپا هڻي کين سيل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان نارا ڪئنال ايريا بورڊ جي چيف مانيٽرنگ آفيسر شيخ عبدالواسع ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته اسان پوڇڙي ۾ پاڻي پهچائڻ واري اسپيشل ٽاسڪ تحت عملي ۽ مشينري کي ساڻ کڻي پاڻي چورن خلاف ڪارروائي لاءِ نڪتا آھيون. هن چيو ته اسان رات کان وٺي مختلف واهن تي پاڻي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيون پيا ۽ جتي به اسان کي ٽيمپرڊ واٽر ڪورس نظر اچي ٿو اسان ان کي ان وقت ئي مشينري سان سيل ڪيون ٿا، آبپاشي عملدار ٻڌايو ته اسان واهن ۽ شاخن تي ٽيمپرڊ واٽرڪورسز تي ڇاپا هڻي تفصيل گڏ ڪري ورتا آھن، پاڻي چوري ۾ آبپاشي عملي سميت جيڪو به زميندار ۽ آبادگار ملوث هوندو ان خلاف ڪيس داخل ڪري کيس سزا ڏياربي.