مورو(ن پ ا) ٻه ڏينھن اڳ مورو ويجھو درس روڊ ڳوٺ گولو پوٺو وٽ تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر ٿي پيو هو جنھن جي نتيجي ۾ پيرسن ھدايت الله لانگاهه شديد زخمي ٿي پيو هو جنھن کي مورو اسپتال آندو ويو جتي طبي امداد ڏيڻ بعد نوابشاهه جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي پيرسن زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، جنھن جو مڙهه ايڌي ايمبولنس ذريعي ڳوٺ آندو ويو جتي گھر ڀاتين ۾ ڪھرام مچي ويو بعد م جنازي نماز ادا ڪري اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.