سليم رضا کي غربت گمنام بڻائي ڇڏيو !!!!

0
173
بيان بازي جي سياست ۽ پيڙجندڙ عوام

مفلس ۽ گمنام شاعر جو پيڙاءَ ڪير به  سمجهي ناهي سگهندو. توڙي جو هو گمنام ناهي پر غريبي هن کي گمنام بڻائي ڇڏيو آهي. شاعري درد جي شدت مان جنم وٺندي آهي جڏهن ڏکن پيڙائن ۽ غمن جون گهٽائون حساس طبعيت انسان جي من کي زخمي ڪنديون آهن تڏهن ماڻهو آثار  قديم جاين جيان ڀري پوندو آهي.

شاعر بنيادي طور حساس طبعيت هوندا آهن

                 ايئن سليم رضا پڻ احساس طبعيت جو مالڪ آهي. سليم رضا 1970ع ۾ ضلعي بدين جي شهر ٽنڊو غلامعلي  ۾ چنو سراج جي گهر م جنم ورتو. سليم جو والد اسٽيج ڊرامي جو بهترين فنڪار پڻ هو. سليم رضا جي ٻولي ته پنجابي آهي پر سنڌ جي عشق هن کي سنڌي ۾  شاعري ڪرڻ تي مجبور ڪيو. سليم رضا رومانوي مزاحمتي ۽ سنڌ واسين جي محرومين  ۽اهنجن تي لکيو آهي.سليم  پهرين ڪهاڻي “ساروڻيون ۽ سپنا” لکي پر شاعري جي جنون سبب هن ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون.

هن 1984ع ۾ پهريون غزل لکيو هو جنهن جا بند آهن ته

تون ڇا ڄاڻين پيار محبت

الفت جا انڪاري ماڻهو

پئسو پوڄا شيوو تنهنجو

آهين تون درٻاري ماڻهو

انهي غزل تي کوڙ سارن اديبن ۽ شاعرن دل کولي داد ڏنو، جنهن کانپوءِ سليم باقائده لکڻ لڳو. غريبي حال هجڻ باوجود هو اڄ به قلم ۽ ڪاغذ سان ساٿ نڀايو اچي.

سليم جو شاعري م استاد سائين واجد منگي ۽ وفا ناٿن شاهي آهن.

سليم پنهنجي شاعري ۾ معاشري ۾ ٿيندڙ مسئلن، سنڌ ڌرتي جي حالتن ۽ پيڙائن جي عڪاسي ڪئي آهي. هو هر انسان جي درد کي محسوس ڪري ٿو.

ڪيڏو درد سهي ٿو اڄ ڪلهه جو انسان

پوءِ به چپ رهي ٿو اڄ ڪلهه جو انسان

واري جهڙن ڪچن  خيالي گهرڙن جيان

ٺهندي روز ڊهي ٿو اڄڪلهه جو انسان..

سليم رضا  جيڪو پاڻ هيٺين طبقي سان تعلق رکي ٿو سو طبقاتي استحصالي ۽ سماجي اڻبرابري خلاف ادبي محاذ تي جهاد ڪندو رهي ٿو.

موجوده صورتحال ۾ شاعر جي واتان اهي به لفظ نڪرن ٿا ته

شاعري جي بک واهه واهه ته ناهي

پيٽ ڀي ته شاباس گهري ٿو.

غربت جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ سليم رضا جي  پختگي ۽ روانگي نه رڳو ڪمال آهي پر ٻڌڻ کان پوءِ ماڻهو داد ڏيڻ کان رهي نٿو سگهي. موجوده وقت ۾ جڏهن سکڻن نعرن جي سياست ٿي رهي آهي اهڙي صورتحال م هو لکي ٿو ته

هڪ ڌرتي تي لکين نعرا ڏئي

قوم کي ڪمزور ويٺا ٿا ڪريون

جيئن سليم رضا پاڻ سادو آهي ايئن هن جي شاعري به سادي آهي ۽ هن جي شاعري ۾ سادي ٻولي استعمال ٿيل آهي.

سادگي م جيئڻ به جٺ آهي

پاڻ سان پنهنجا حال الجهن ٿا

سليم رضا ٽائون ڪاميٽي جو هڪ ننڍڙو ملازم آهي. سليم رضا جو پهريون  شاعري جو مجموعو “منهنجو من”2006ع ۾ ڇپيو، جنهن ڪتاب جو مهاڳ مهتاب اڪبر راشدي لکيو آهي، جنهن ڪتاب ذريعي هن کي سٺي مڃتا ملي آهي. اسان وٽ دعويدار اديب ته کوڙ آهن پر ادبي محاذ تي باقائده جهاد ڪندڙ سليم رضا جهڙا اديب ۽ شاعر گهٽ ملندا آهن. سليم جو قلم اڄ به تيزي سان هلي رهيو آهي هو اڄ به پنهنجو فرض سمجهي لکي رهيو آهي.

ثقافت کاتي کي گهرجي ته اهڙن شاعرن جي پرگهور لهي ته جيئن هو پنهنجي ٻولي ۽ ادب لاءِ سٺو ڪم ڪري سگهن.