پي ٽي آءِ سرڪار پيٽرول ذريعي ملڪ ۾ ٻاريل باهه وسائي سگهندي؟

0
167
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

شاهه محمد لاشاري لاڙڪاڻي مان  لکي ٿو

پاڪستان تحريڪ انصاف مهانگائي جي ماريل عوام مٿان ظلم جي انتها ڪندي ڪڏهن بجلي ته ڪڏهن گئس، ته وري ڪڏهن پيٽرول بم ڪيرائي رهي آهي، 2018 ع جي اليڪشن کان اڳ عوام کي تبديليءَ جا خواب ڏيکاري اقتدار حاصل ڪندڙ پي ٽي آءِ سرڪار تازو آڪٽوبر جو مهينو مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جي قيمت ۾ اضافو ڪري مسڪين ماڻهن جا سور سوايا ڪري ڇڏيا آهن،

هڪ طرف لاڪ ڊائون، ٻئي طرف مهانگائيءَ سبب ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي، غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي ڪري ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، پر واعدا ڪري آيل تبديلي سرڪار رليف ڏيڻ بجاءِ عوام جي اهنجن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.تيل اگهن ۾ واڌ واري وفاقي حڪومت جي فيصلي کانپوءِ مخالف ڌر کي به ملڪ گير تحريڪ هلائڻ جو موقعو ملي ويو آهي،

 ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم جتي هٿ وڌو، اتي تبديلي نه تباهي آئي، جيترو چور هن وقت اسان جو وزيراعظم آهي، ايترو پاڪستان جي تاريخ ۾ ناهي گذريو، ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ اڄ وري پ پ جي ضرورت آهي. اهڙي طرح حڪومت مخالف اتحاد پي ڊي ايم به ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ مولانا فضل الرحمان، شهباز شريف سميت ٻين پارٽين جي اڳواڻن حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ سندرا ساهي ورتا آهن.

حڪومتي وزير پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ بعد مهانگائيءَ ۾ اضافو ٿيڻ باوجود چون ٿا ته عوام تي بار ناهي وڌو ويو، فرخ حبيب چيو ته عالمي منڊي ۾ تيل ۾ اضافو ٿيو، پوءِ به ڪوشش ڪئي ته عوام تي بار گهٽ پوي.ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو طوفان اچڻ باوجود حڪومتي ميمبر عوام کي سبسڊي ۽ رليف ڏيڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن،

 هڪ طرف ڏهاڙي جي حساب سان وڌندڙ مهانگائي آهي ته مٿان وري وزيرن مشيرن جا اهڙا دليل ۽ مشورا ٿا ملن جو عوام پنهنجي قسمت تي ماتم ڪرڻ کان مڙي نه ٿو سگهي. جڏهن مهانگائي جي ڳالهه ٿي ڪجي ته حڪومت جا ترجمان سڄي مهانگائي جو ذميوار  اڳوڻن حڪمرانن کي قرار ڏئي رهيا آهن. حڪمران  چون ٿا ته خطي ۾پيٽرول جي سڀ کان گهٽ قيمت پاڪستان ۾ آهي پر اهو نه ٿا ٻڌائين ته اتي روزگار جي صورتحال ڪهڙي آهي يا في فرد جي آمدني اسان جي ملڪ جي ڀيٽ ۾ ڪيتري آهي؟،

عوام کي رليف ڏيڻ جون دعوائون ڪندڙ تبديلي سرڪار پنهنجي 3 سالن جي حڪومتي دور ۾ کاڌي پيتي سميت ڪنهن به شيءِ جو اگهه ناهي گهٽائي سگهي، ڇا حڪمران ٻڌائي سگهن ٿا ته ملڪ ۾ ڪهڙين ڪهڙين شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي آهي.

حڪومت پيٽرول اگهن ۾ واڌ کان اڳ ئي ملڪ ۾ مهانگائي وڌڻ جو اعتراف ڪري چڪي آهي، وفاقي حڪومت جي اداري شماريات کاتي ملڪ اندر مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪندي تصديق ڪئي آهي ته گذريل هفتي دوران مهانگائي ۾ 0.20 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ مهانگائي جي شرح وڌي 12.66 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته سڀ کان گهٽ آمدني وارن طبقن لاءِ مهانگائي جي شرح 14.12 سيڪڙو ٿي وئي آهي،

 جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هفتي دوران 22 عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، هڪ هفتي اندر ٽماٽن جي في ڪلو قيمتن ۾ 10 رپيا 67 پيسا واڌ ٿي، پٽاٽن جي قيمتن ۾ 59 پيسا واڌ ٿي، گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 2 رپيا 99 پيسا، ننڍي گوشت جي قيمتن ۾ 4 رپيا 58 پيسا، ايل پي جي جي گهريلو سيلينڊر جي قيمتن ۾ 43 رپيا 96 پيسا اضافو ٿيو، ايئن کاڄرو تيل، ٿوم، وڏي گوشت جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيو، رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويوآهي ته ملڪ ۾ کنڊ جي في ڪلو جي قميت هڪ سئو رپيا 33 پيسا تي پهتي آهي.سرڪار جي نااهلي اها به آهي ته ملڪ ۾ پئسا نه پر رپيو هلي رهيو آهي،

ان باوجود حڪومت هميشه پيٽرول، ڊيزل يا تيل جي ٻين اسمن ۾ رپيا ۽ ڪجهه پئسا واڌ ڪندي آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ پئسا نه هلڻ ڪري پيٽرول پمپ وارا نه ته پئسن جو تيل ڏيندا آهن، نه ئي پئسا واپس ڪندا آهن، جنهن سبب پيٽرول مافيا کي روزانو ڪروڙين رپين جو فائدو پهچي ٿو، ڇا سرڪار ان معاملي کان اڻ واقف آهي ته اسان جي ملڪ ۾ پئسا نه پر رپيو هلندو آهي، تبديليءَ جا دعويدار ٻي ته ڪا تبديلي ناهن آڻي سگهيا، پر اها ته تبديلي آڻين ها، ته پيٽرول اگهن ۾ لاٿ يا واڌ صرف رپين ۾ ڪئي وڃي ها، حڪومت مهينو مڪمل ٿيڻ کان اڳ تيل اگهن ۾ واڌ ڪري عوام کي پيغام ڏنو ته ڇا سرڪار ناڪام ٿي چڪي آهي،

يا سرڪار عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، مخالف ڌر جا اڪثر ماڻهو به اهڙا بيان ڏيندا رهيا آهن ته سرڪار مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، جنهن مان عوام چڱائيءَ جي ڪا اميد نه رکي، ڇا انهن جا اهي بيان سچ ثابت ٿي رهيا آهن، تحريڪ انصاف جي حڪومت کي اقتدار ۾ اچڻ اڳ ڪيل واعدا پاڙي عوام کي غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ جي دلدل مان ڪڍڻ گهرجي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پيٽرول مهانگو ڪري ملڪ ۾ ٻاريل باهه کي وسائڻ لاءِ رڳو دعوائن کانسواءِ هن وقت تائين ڪو عملي قدم ناهي کنيو، وزيراعظم عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ 3 سال گذرڻ باوجود عوام کي صرف اهو ئي چوندو آهي ته گهٻرائڻو ناهي، غريب جي گهر ۾ اٽو ناهي پر گهٻرائڻو ناهي، گهر جي مسواڙ لاءِ پئسا ناهن، پر گهٻرائڻو ناهي، روزگار ناهي، گهٻرائڻو ناهي، وزيراعظم عوام کي رڳو سکڻيون آٿيندو ڏيندو پيو اچي، پر گذريل 3 سالن ۾ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪو عملي قدم ناهي کنيو،

حڪمران ڌر جا وزير عوام جو ڀلو ڪرڻ بجاءِ رڳو بيان بازي ۾ پورا آهن، وزيراعظم کي ملڪ ۾ پيٽرول ذريعي ٻاريل باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ تيل اگهن ۾ گهٽتائي ڪري مهانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن وفاقي سرڪار مهانگائيءَ تي ڪنٽرول نه ڪيو ۽ پيپلز پارٽي توڙي پي ڊي ايم جي اعلانيل تحريڪ زور وٺي وئي ته عمران خان لاءِ چئلينج اڃان به وڌي ويندا، تبديلي سرڪار کي مهانگائيءَ جي باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ تيل سستو ڪري کاڌ خوراڪ جي شين جا به اگهه گهٽائڻا پوندا.