ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل پاڪستان ۽ ڀارت کيڏندا: شعيب اختر

0
192
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل پاڪستان ۽ ڀارت کيڏندا: شعيب اختر
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل پاڪستان ۽ ڀارت کيڏندا: شعيب اختر

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل جي حوالي سان اڳڪٿي ڪري ڇڏي

شعيب اختر جو چوڻ آهي ته منهنجي ڪيريئر جي ڏينهن ۾ پاڪستان وٽ ڀارت کان وڏا رانديگر هوندا ها، هاڻي ڀارت وٽ بهترين رانديگر آهن پر ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي

پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان کان بهتر ضرور آهي پر پاڪستاني رانديگر ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ جارحاڻي طرف جي ڪرڪيٽ کيڏندا

اڳوڻي اسپيڊ اسٽار جو چوڻ آهي ته ورلڊ ڪپ جي ميچن ۾ ڀارت پاڪستان کان بهتر پريشر هينڊل ڪيو آهي، پاڪستان ۽ ڀارت نه صرف هاڻي پر ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل به کيڏندا

شعيب اختر وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي ڀارت کان وڌيڪ نيوزي لينڊ تي ڪاوڙ آهي

واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو ميچ سڀاڻي آچر تي کيڏيو ويندو، جنهن جو اسان سڀني کي انتظار آهي