اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (نواز) وزيراعظم عمران خان جي سفيرن کي خطاب کي ناڪامي لڪائڻ لاءِ نئون ڊرامو قرار ڏنو آهي، نواز ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس ۾ 2014ع دوران پاڪستان لاءِ رعايت نواز شريف جي پاليسي جي ڪاميابي ۽ يورپي يونين پاران ان خلاف قرارداد عمران خان جي ناڪامي آهي، سفيرن سان وڊيو لنڪ تي خطاب ۽ خالي بازارن ۾ ماڊلنگ ڪرڻ سان توهان جي ناڪامي لڪي نه ٿي سگهي، نه ئي مهانگائي ختم ٿيندي نه ئي وڊيو لنڪ جي خطابن سان پرڏيهي پاليسي جو رخ درست ٿي سگهندو.