اسلام آباد: ناڻي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته مان جڏهن ناڻي وزير هيس تڏهن شماريات کاتي کي ناڻي وزارت مان ڪڍي خودمختيار ادارو بڻايو هو، مون چيو هو ته اهو کاتو ناڻي وزارت وٽ نه هجڻ گهرجي، هن چيو ته ادارو 35 شهرن جون قيمتون ڏسي ٿو جن ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن کي 11 شهر تصور ڪيو وڃي ٿو، ۽ لاهور جي مختلف علائقن کي 7 شهر تسليم ڪيو وڃي ٿو، جن 35 شهرن مان قيمتون هفتيوار ورتيون وڃن ٿيون، انهن ۾ 18 شهر ته رڳو ٻن شهرن ڪراچي ۽ لاهور جا تصور ڪيا وڃن ٿا، ڇا ٻيا ماڻهو پاڪستان ۾ نه رهي رهيا آهن، مان ان اداري جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي وٽ ويندس ۽ سفارش ڪندس.