اسلام آباد: ناڻي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته اسان سرڪاري ملازمت کي ايمپلائيمينٽ چوائس ٺاهينداسين، ايمپلائيمينٽ چوائس صرف پگهارن سان ناهي ٿيندي، پي فار پرفارمنس جو نظام آڻڻو پوندو، جيڪو وڌيڪ ڪم ڪندو ان کي وڌيڪ جيڪو گهٽ ڪم ڪندو ان کي گهٽ پيسا ملندا، جيڪو بلڪل ڪم نه ڪندو ان جي ڇٽي ٿيندي، اهو منهنجي زندگي ۾ ٿئي ٿو يا نه معلوم ناهي پر مان ڪوشش ضرور ڪندس، مون کي ماڻهو ٻڌائيندا آهن ته جيڪي ماڻهو 60 جي ڏهاڪي ۾ سول سرونٽ هوندا هئا اهي ان تي فخر ڪندا هئا، ان وقت انهن جون پگهارون نجي شعبي جي ويجهو هونديون هيون، اسان کي سرڪاري ملازمت کي چوائس ٺاهڻو آهي.