اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي يڪريٽري جنرل فرحت الله بابر مطالبو ڪندي چيو آهي ته پارليامينٽ جي ڪشمير ڪاميٽي جو نالو تبديل ڪري ان جو نالو ڪاميٽي براءِ ڪشمير ۽ فلسطين رکيو وڃي ته جيئن فلسطين جي مامري کي به اجاگر ڪري سگهجي، تقريب کي خطاب ڪندي فرحت الله بابر وڌيڪ چيو آهي ته ان ڪاميٽي جي سربراهي هڪ سينيئر، قابل احترام چونڊيل نمائندي کي ڏني وڃي هن چيو ته اڳوڻي آرمي چيف جيڪو اسلامي اتحادي فورسز جي سربراهي ڪري رهيو آهي ان کي واپس گهرايو وڃي.