رياض (م ڊ) سعودي عرب جو شهزادو عبدالله بن محمد بن عبدالعزيز لاڏاڻو ڪري ويو، سعودي شاهي عدالت ڪالهه آچر ڏينهن شهزادي عبدالله بن محمد بن عبدالعزيز آل سعود بن فيصل السعود جي وفات جو اعلان ڪيو، سعودي عرب جي شاهي عدالت پاران جاري پڌرائي موجب شهزاده عبدالله بن محمد عبدلعزيز جي جنازي نماز رياض ۾ ادا ڪئي وئي.