ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مبينه مقابلو، ڦورن جي فائرنگ ۾ شهري مارجي ويو، جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار، ان ڏس ۾ اورنگي ٽائون ۾ بنارس ويجھو پوسٽ آفيس وٽ مبينه مقابلو ٿيو. پوليس موجب ڦورن جي فائرنگ ۾ 50 ورهين جو واٽهڙو آفتاب ولد طالب مارجي ويو، جڏهن ته پوليس پارٽي جي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار زخمي ٿي پيو، مارجي ويل شهري جي لاش ۽ زخمي جوابدار کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب جوابدار جو ساٿي فرار ٿي ويو آهي.