اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ڪنوينر محمود احمد ساغر جو خط پرڏيهي وزارت کي اماڻي ڇڏيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي پرڏيهي وزارت کي سرينگر ۾ تجويز ڪيل جي-20 سربراهي اجلاس جي پويان هندستاني ارادرن کي بي نقاب ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪرڻ جي به هدايت ڪندي چيو آهي ته پرڏيهي وزارت تڪراري علائقي ۾ اجلاس منعقد ڪرڻ جي پويان ڀارت جي ڪڌي ۽ پردي پويان ارادن کي بي نقاب ڪري، ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ڪنوينر محمود احمد ساغر سرينگر ۾ جي-20 ملڪن جي ميمبرن جو اجلاس گهرائڻ تي پاڪستان جي فوري توجهه گهري هئي، حريت ڪانفرنس جي ڪنوينر خط ۾ چيو آهي ته نئين دهلي جو اهو قدم گهڻ رخي مهم جو حصو آهي، ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي باري ۾ مونجهارا پيدا ڪرڻ ۽ ڪشمير جي بين الاقوامي ۽ قانوني حيثيت کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو، ڀارت ان تصور کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو ته ڪشمير ان جو اندروني مسئلو آهي، ڀارت دنيا جي توجهه اصل مسئلي تان هٽائڻ ۽ زميني حقيقتون لڪائڻ چاهي ٿو، اقوام متحده ۽ ٻين علائقائي ۽ بين الاقوامي فورمن تي پاڪستان پاران وڏين سفارتي ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڪستان 22 کان 24 مئي 2023ع تائين سرينگر ۾ جي-20 ٽورزم ورڪنگ گروپ جي ميٽنگ منعقد ڪرڻ جي هندستاني فيصلي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، اميد آهي ته پاڪستان ڀارتي سازشن کي ناڪام بنائڻ جي لاءِ پنهنجي سياسي ۽ سفارتي طاقت کي موثر طريقي سان استعمال ڪندو.