اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم ملاقات ڪئي،  ملاقات دوران سيڪيورٽي ۽ سرحدن جي صورتحال سوڌو ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ذريعن موجب آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ وزيراعظم کي دهشتگردي خلاف ڪارروائين ۽ سيڪيورٽي بابت آگاهي ڏني.