سجاول (رياض ميمڻ) سجاول جي يونين ڪائونسل ڪينجهر ليارو ۾ جمعيت علماءِ اسلام ف پاران ڪائونسلر جي سيٽ جو اميدوار مخالف اميدوار جي حق ۾ ھٿ کڻي ورتو آھي. جڏھن ته جي يو آءِ جي اڳواڻن مولانا محمد اسماعيل قاسمي، مولوي  غلام حسين ميمڻ، مولوي اشرف ميمڻ ۽ ٻين اليڪشن ڪميشن آفيس آڏو احتجاج ڪندي چيو ته مخالف ڌر جي اميدوار شريف پسيو اسان جي اميدوار شاهد هڱورجو کي اغوا ڪيو آهي.  ان سلسلي ۾ جي يو آءِ اڳواڻن اليڪشن ڪميشن ۽ ايس ايس پي سجاول کي بہ اميدوار جي اغوا خلاف درخواست ڏني آھي ۽ تحفظ ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي. ٻئي طرف رٽرننگ آفيسر 3 محمد صديق ميمڻ ٻڌايو تہ جي يو آءِ اميدوار شاهد هڱورجو پاڻ آيو ۽ مخالف ڌر جي اميدوار شريف پسيو جي حق ۾ ھٿ کڻڻ بابت لکت ۾ درخواست ڏني آھي. جي يو آءِ جي مخالف اميدوار شريف پسيو رابطو ڪرڻ تي چيو ته مون تي جي يو آءِ اميدوار کي اغوا ڪرڻ جو ڪوڙو الزام لڳايو ويو آهي. جي يو آءِ اميدوار شاهد هنڱورجو پاڻ منهنجي حق ۾ ھٿ کنيو آھي.