عمرڪوٽ (ن پ ا) غريب اتحاد جي پليٽ فارم تان يوسي ڊيٻو مان چونڊ وڙھندڙ پئنل جي ھارايل اميدوارن مدن ڀيل، گھمن ڀيل، ڏونگرو ڪولھي، آتم ڀيل عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ اڳواڻن تي سياسي انتقامي ڪارروائين جو الزام  ھنيو آھي، ھنن چيو ته آزاد پئنل تان چونڊ وڙھڻ تي پ پ جو اڳوڻو ايم پي اي سندس ڀائٽيو جاني دشمن بڻجي ويا آھن، سندن چرچ تي اسان جي گھرن تي پوليس اٽالن جي چڙھائي ڪري عورتن ٻارڙن تي تشدد ڪيو، ھنن چيو ته اسان جو ڏوھ اھو آھي جو ڀيل ۽ ڪولھي آھيون، اسان  وڏيرن سامھون اليڪشن وڙهي، نوٽيس وٺي تحفظ ڏنو وڃي.