سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ شھر جي ڪپڙي جي واپارين جي يونين ڪلاٿ مرچنٽ ايسوسيئيشن جي يونين جون چونڊون 23 سالن بعد ٿي گذريون، چونڊ ۾ انصاف پينل ۽ تاجر اتحاد پينل حصو ورتو، جڏهن ته تاجر اتحاد پينل پاران ھڪ ڏينھن اڳ بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنھن بعد اليڪشن ڪميشن جي ٽن ميمبرن مان هڪ ميمبر به چونڊ عمل کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪندي اليڪشن ڪميشن جو حصو ٿيڻ کان انڪار ڪيو، 2 ميمبرن اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، ووٽر لسٽ جي 175 ميمبرن مان 151 ووٽ ڪاسٽ ٿيا، جن مان 139 ووٽ انصاف اتحاد پينل کنيا ۽ 9 ووٽ بائيڪاٽ ڪندڙ تاجر اتحاد پينل کي مليا، جڏهن ته 3 ووٽ رد ڪيا ويا، بائيڪاٽ ڪندڙ تاجر اتحاد پينل جي اويس فيصل آبادي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن ڌر بڻيل ھئي، اسان جي اعتراضن کي نه ٻڌو ويو، اسان ڪورٽ ۾ چونڊ عمل کي چيلينج ڪنداسين، ٻي طرف کٽيندڙ انصاف پينل جي ڪامياب صدارتي اميدوار محمد شفيق ٻڌايو ته اسان جي سامهون بيٺل پينل کي شڪست واضح نظر اچي رهي هئي، باقي انھن جا اعتراض ٻاراڻا ھئا، اسان اليڪشن ڪميشن جي سمورن قاعدن قانونن تي سختي سان عمل ڪيو آهي، ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر عبدالغني ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن کي لکت ۾ ڪو اعتراض نه مليو، جڏهن ته زباني اٿاريل اعتراضن تي جھڙوڪ بينر آويزا ڪرڻ تي اختلافن کي به ختم ڪرايو ويو، جڏهن ته ھڪ ڏينھن اڳ اعتراضن تي ٻڌل ليٽر مليو پر ان تي ڪا به صحي ٿيل نه ھئي، هن چيو ته بائيڪاٽ ڪندڙ ڌر جا سمورا اعتراض رد ڪريون ٿا، ڪو به عمل بيقاعدگي سان نه ھو.