ٽنڊو رحيم خان (ن پ ا) ٽنڊو رحيم خان ويجھو گاجي شاهه ۾ دادو پوليس پاران گاجي شاه واسي حاجي خدا بخش شاهاڻي کي زبردستي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس پاران صبح جو هوٽل تي ويٺل حاجي خدا بخش کي زبردستي خانگي گاڏي ۾ بنا وردي جي کنڀيو ويو . اطلاع تي وارثن گاڏي جو پيڇو ڪري ان کي روڪي ورتو . ان موقعي تي پوليس انچارج نور محمد گوپانگ کان ايف آءِ آر جي ڪاپي گھري وئي ته هو نه ڏيکاري سگھيو. ايف آء آر جي ڪاپي ۽ گرفتاري وارنٽ نه هجڻ تي پوليس حاجي خدا بخش کي ڇڏي فرار ٿي وئي. ٻئي طرف حاجي خدا بخش شاهاڻي صحافين کي موقف ڏيندي چيو آهي ته پوليس ۽ وڏيرا مون کي سياسي انتقام جو نشانو بنائي رهيا آھن. مان هڪ شريف شهري آھيان مون کي بلا جواز گرفتار ڪري مون کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي, هن ايس ايس پي دادو ۽ آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته پوليس انچارج نور محمد گوپانگ مٿان قانوني ڪارروائي ڪري مون کي انصاف ڏياريو وڃي.