ٺل/مبارڪپور (نمائندن وٽان) ٺل ۽ مبارڪپور ۾ ارڙي وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا حياتي وڃائي ويٺا. خبر موجب ٺل شھر جي باءِ پاس واري علائقي ۾ چئن ورهين جو شاهد علي ڍول ارڙي سبب فوت ٿي ويو، جڏهن ته ساڳي ئي گهر ۾ 6 کان وڌيڪ ٻارڙا بيماري ۾ مبتلا آهن، جن مان ٻن ٻارڙن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي. هوڏانهن مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ وريام مستوئي ۾ پورهيت عبدالله مستوئي جو ٻن سالن جو پٽ غلام عباس مستوئي ارڙي وگهي فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ مبارڪپور ۽ ڀرپاسي ارڙي سبب فوت ٿيلن جو انگ وڌي 13 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي ٻارڙا بيماري ۾ مبتلا آهن.