سانگهڙ (رپورٽر) هڪ مھينو اڳ قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل پنهنجي اخبار ورڪشاپ جي عيوضي غلام قادر شر جي ڀائرن کي وڏيري ڪمال الدين شر جي پٽن ۽ ڀاڻيجن پاران ٻيھر ڌمڪيون، صحافي جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته سندن جان کي خطرو آهي، نوٽيس ورتو وڃي. خبر موجب 13 آگسٽ تي پنهنجي اخبار ورڪشاپ جي عيوضي غلام قادر شر کي پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي کي وڏيري پاران جرڳو ڪري ڌار ڪرڻ واري خبر ھلائڻ تي وڏيري ڪمال الدين شر جي چرچ تي حملو ڪري مرڻينگ ڪيو ويو هو، ان ڏس ۾ صحافي جي ڪيس ۾ فريادي سندس ڀاءُ غلام رسول شر هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدارن جي ڪورٽ مان ضمانت ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر وڏيرو ڪمال الدين شر ۽ سندس پٽ ۽ ڀاڻيجا جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، جنهن ڪري سندن جان کي خطرو آهي، هن ٻڌايو ته ڪالهه وڏيري جي ڀاڻيجي امداد فون ڪري جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، جنهن ڪري خدشو آهي ته ٻيھر اسان تي حملو ڪيو ويندو، ھن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد ڊويزن، ايس ايس پي سانگهڙ سميت اعليٰ ارادن کان گھر ڪئي ته ڌمڪين جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي. واضح رهي ته وڏيري، سندس ٽن پٽن ۽ ھڪ پوٽي سميت پنج ڄڻن قاتلاڻو حملو ڪري صحافي کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو هو، واقعي جي ايف آءِ آر منگلي ٿاڻي تي درج ڪئي وئي هئي، جنھن ۾ ڪمال الدين شر ، غلام مرتضيٰ عرف پپو شر، اسد ڪمال، اعظم شر، محمد نواز ۽ انور علي کي جوابدار نامزد ڪيو ويو هو.