کپرو (ن پ ا) کپرو لڳ عالم آباد ۾ هڪ هفتو اڳ مبينا مڙس جي تشدد ۾ زخمي ٿيل عورت اسماءَ ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ زخمن جاسور نه سهندي فوت ٿي وئي، عورت جو مڙھ ڪراچي کان کپرو منتقل ڪيو ويو، لاش گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو، تشدد سب فوت ٿيل اسماءَ ٽن پٽن جي ماءُ هئي، فوتي عورت جي ڀاءُ پيراڻي ٻڌايو ته سندس ڀيڻ تي مڙس علي حسن تشدد ڪيو هو. هن چيو ته تشدد ۾ ملوث اسماءَ جي مڙس خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي.