پنوعاقل (رپورٽ:نديم بوزدار) پنوعاقل جي ڪچي ۾ شادي شده ناري قتل، پوليس پاران ڪارنھن الزام ھيٺ چاچي ھٿان ناريءَ جي قتل جي تصديق ڪري ڇڏي. خبر موجب پنوعاقل جي ڪچي گدپور ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار چاچي ڪارنھن الزام مڙهي ڀائٽيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو. گدپور پوليس موجب جوابدار اڪبر عرف سائين بخش چاچڙ پنھنجي ڀائٽي خيران کي برادريءَ جي نوجوان سان ڪاري قرار ڏيئي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آھي. اطلاع تي پوليس لاش کڻائي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو. قتل ٿيل ناري خيران جي وارثن ڪارنھن الزام کي رد ڪندي چيو آهي ته برادري جي مخالفن سان جھيڙو ھلندڙ آھي، جنھن تان ڏوھاري فرمان چاچڙ ۽ ٻين گھر تي فائرنگ ڪري ناري کي قتل ڪيو آهي. گدپور پوليس جوابدارن کان پئسا وٺي ڪارنھن جو ڪوڙو افواه پکيڙيو آھي. جوابدارن اڳ به اسان جي ھڪ نوجوان کي قتل ڪيو هو. ھاڻ وري گھر تي فائرنگ ڪري عورت کي قتل ڪري ويا آھن. ھوڏانھن گدپور پوليس ناري جي وارثن طرفان پوليس تي لڳل الزام کي رد ڪندي چيو آھي ته ناري کي ڪارنھن الزام ھيٺ سندس چاچي قتل ڪيو آھي. ناري جي لاش کي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو جتان قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.