ٽنڊو ڄام (ن پ ا) نالي واري زرعي ماهر ۽ محقق مرحوم ايم ايڇ پنهور جي 14هين ورسي جي سلسلي ۾ ٽنڊوڄام ويجهو ايم ايڇ پنهور زرعي فارم ۾ سادگي سان منقعد ڪئي ويئي، ڪورونا سبب مختصر تقريب دوران سندس مزار مٿان گلن جي چادر چاڙهي وئي ۽ دعا گهري وئي، جنهن ۾ سندس خاندان ۽ ويجهن دوستن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ايڇ پنهور ٽرسٽ جي اڳواڻ غلام سرور پنهور ٻڌايو ته ايم ايڇ پنهور چيئر جي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ ثقافت کاتي جي مالي سهڪار سان عمارت مڪمل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ان چيئر ۾ ايم ايڇ پنهور جا ڪتاب ۽ ٻيو تحقيقي مواد رکيو ويندو ۽ ان چيئر کي اسٽڊي سينٽر طور هلايو ويندو.