خيرپورناٿن شاھ (رپورٽ ارشاد کوسو) خيرپورناٿن شاھ شھر توڙي ٻھراڙين ۾ امن امان جي صورتحال بدترين ، خيرپورناٿن شاھ پوليس امن امان قائم ڪرائڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي چڪي آھي، گذريل رات دير سان خيرپورناٿن شاھ جي ڳوٺ ٻاجهي خان لغاري ۾ 15 کان وڌيڪ هٿياربندن هٿيارن جي زور تي تر جي مشھور زميندار ۽ واپاري اعجاز علي لغاري جي گهر ۾ داخل ٿي گهر ڀاتين کي ننڊ مان اٿاري يرغمال بڻايو. هٿيارن جي زور تي جوابدارن سڀني گهر ڀاتين کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري گهر ۾ پيل الماڙيون ۽ پيتيون ڀڃي 30 لک رپين کان وڌيڪ روڪ رقم ۽ 20 لک رپين جي لاڳت جا سونا زيور کڻي فرار ٿي ويا، جنهن بعد متاثرن خيرپورناٿن شاھ پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس جاءِ واردات تي دير سان پهتي ۽ صبح سان کوجي ڪتن ذرعي پيرا کنيا جڏھن ته پيرا سولنگين جي ڳوٺ جي هڪ گهر ۾ پيا، جنهن بعد پوليس ٻن شڪي ماڻھن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏھن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي ، هوڏانهن سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آھي ته خيرپورناٿن شاھ ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب آھي ڌاڙا چوريون ڦرون روز مره جو معمول بڻيل آھن، هنن اهو به چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ خيرپورناٿن شاھ ۾ ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کليل ڪچهري دوران اهو دعويٰ ڪئي هئي ته دادو ضلعي جي تعلقي خيرپورناٿن شاھ ۾ امن امان جي صورتحال ڪجھه بهتر آھي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اهي دعوائون سڀ ڪوڙيون ثابت ٿيون آھن ۽ خيرپورناٿن شاھ پوليس ڏوهن کي ڪنٽرول نه ڪري سگهي آھي جنهن ڪري واپاري، شھري توڙي ڳوٺاڻا غير محفوظ بڻيل آھن. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏھن خيرپورناٿن شاھ ۾ امن امان قائم نه ڪرايو ويو ته انتظاميا خلاف تحريڪ هلائي ويندي.جڏھن رابطي تي خيرپورناٿن شاھ جي ايس ايڇ او علي اڪبر چنا فون اٽينڊ نه ڪئي.