رضا رباني طرفان نيشنل ايڪشن پلان جي نئين سر جائزي جو مطالبو

0
229
نيشنل ايڪشن پلان جي نئين سر
رضا رباني طرفان نيشنل ايڪشن پلان جي نئين سر جائزي جو مطالبو

پيپلز پارٽي سينيٽر رضا رباني نيشنل ايڪشن پلان جي نئين سر جائزي ۽ بندش پيل ٽي ٽي پي سان ڳالهين جي پاليسي تي نظرثاني جو مطالبو ڪري ڇڏيو
پ پ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته ڪي پي ۾ دهشتگرد حملن دوران سيڪيورٽي فورسز جا جوان شهيد ٿيا آهن، ٽي ٽي پي سان ڳالهين جي پاليسي نظرثاني ڪئي وڃي
هن چيو ته لاڳاپيل ڌُرين سان مشاورت ذريعي پاليسي جوڙي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان اُن جي منظوري ورتي وڃي
رضا رباني چيو ته پاليسي تي عملدرآمد لاءِ به هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا هر ٽئين مهيني پارليامينٽ ۾ رپورٽ پيش ڪري، ڪميٽي جي رولز ۾ ترميم ڪري چيئرمين قومي اسيمبلي بدران سينيٽ مان چونڊيو وڃي