سنڌ ۽ بلوچستان جا اهم شهر سمنڊ ۾ ٻڏڻ وارا آهن: موسمياتي تبديلي وارو سيڪريٽري

0
456
سنڌ ۽ بلوچستان جا اهم شهر
سنڌ ۽ بلوچستان جا اهم شهر سمنڊ ۾ ٻڏڻ وارا آهن: موسمياتي تبديلي وارو سيڪريٽري

اسلام آباد: موسمياتي تبديلي واري سيڪريٽري خبردار ڪيو آهي ته سمنڊ 36 کان 50 سينٽي ميٽر بلند ٿي سگهي ٿو ۽ وڏا وڏا شهر ٻڏي غائب ٿي ويندا

سينيٽ جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ موسمياتي تبديلي واري سيڪريٽري بريفنگ ڏني

اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفيٽننٽ جنرل اختر نواز بريفنگ ۾ٻڌايو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تيز برساتون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته اترين علائقن ۾ گليشيئر ڦاٽڻ جا 18 واقعا ٿي چڪا آهن

اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي واري سيڪريٽري ٻڌايو ته 10 لک ماڻهو دريائن جي ڪنارن تي رهن ٿا، جيڪي لڏ پلاڻ لاءِ تيار ناهن هوندا، جنهن سبب نقصان ٿيندو آهي

سيڪريٽري ٻڌايو ته جيڪو ڪجهه ڏٺو آهي، اُن بابت فوري طور ڪابينا کي آگاهه ڪري رهيا  آهيون، سمنڊ 36 کان 50 سينٽي ميٽر بلند ٿي سگهي ٿو، وڏا وڏا شهر ٻڏي غائب ٿي سگهن ٿا، پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ ٿي سگهي ٿي، اسان کي هنگامي طور ڪم ڪرڻو پوندو

وفاقي وزير شيري رحمان چيو ته موسميات کاتو، ايوي ايشن جي ماتحت آهي ۽ هو وارننگ ڏيندو آهي، اصل ۾ صوبن اندر پلاننگ جو فقدان آهي، موسم تي ڪنهن جو  ڪنٽرول نه آهي