هڱورجا (ن پ ا) يونين ڪائونسل رسول آباد جي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ اٽي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي خلاف رسول آباد ۾ سماجي تنظيم الفلاح مددگار فائونڊيشن پاران عبدالرزاق لاشاري، عرفان علي سھتو، غلام اڪبر راڄپر، پرويز شر، عبدالحفيظ ٿيٻو، محمد صديق راڄپر ۽ استاد محمد پنجل لاشاريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مظاهرين جو چوڻ هو ته يونين ڪائونسل رسول آباد ۽ ڪوٽڙي ڪبير جي ڪيترن ئي ڳوٺن جو برساتي پاڻي 5 مهينا گذرڻ باوجود نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. انتظاميا بي حسيءَ جي انتها ڪري ڇڏي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته رسول آباد ۽ ڪوٽڙي ڪبير مان برساتي پاڻي فوري طور نيڪال ڪرايو وڃي. مظاهرين جو چوڻ هو ته اٽي جو هٿرادو بحران پيدا ڪري پورهيتن کي فاقاڪشيءَ تي مجبور ڪيو ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته هٿرادو مهانگائيءَ تي ضابطو آندو وڃي.