نئون ڪوٽ (ن پ ا) نئون ڪوٽ ۾ نقاب پوش شاهينگ عورتن سون ٻيڻو ڪري ڏيڻ جي لالچ ڏئي بيواهه عورت کان لکين رپين جو سون ٻھاري ويون، خبر موجب شهر جي قائمخاني محلي ۾ اڳوڻي ٽائون ناظم شفيق قائمخاني جي گهر ۾ ٻه نقاب پوش شاهينگ عورتون داخل ٿيون جيڪي سون ٻيڻو ڪري ڏيڻ بهاني 56 تولا سون کڻي ويون، ٻھاري ويون، ان سلسلي ۾ امجد قائم خاني ٻڌايو ته ٻه عورتون گهر ۾ گهڙي ويٺل عورتن کان جادو جي حساب سان 56 تولا سون ٻھاري فرار ٿي ويون، هن چيو ته سون جي جي ماليت 80 لک روپين کان وڌيڪ آهي، هن چيو ته عورتن جا سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪري پوليس کي ڏنا آهن.